| ڪپتان نئون نڀاڳ پراڻو: ڀارت 19هون ٽاس هارائي ويو |
رانچي (اسپورٽس نيوز) ڪيترائي ڪپتان بدليا پر ڀارت جي قسمت نه بدلي، ڀارتي ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ مسلسل ٽاس هارائڻ جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. رانچي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏيل ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾، ڀارت جو وقتي ڪپتان ڪي ايل راهول به ٽاس هارائي ويو. هي مسلسل 19 هين ون ڊي ميچ آهي جنهن ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس نه کٽي سگهي. ڀارتي ٽيم جي ٽاس هارائڻ جو سلسلو 2023 ۾ شروع ٿيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ مسلسل ٽاس هارائڻ جو رڪارڊ هالينڊ جي ٽيم وٽ هو جنهن مارچ 2011 کان آگسٽ 2013 تائين 11 ٽاس هارايا.