| ڪپل شرما جي فلم ‘دادي ڪي شادي’ جو پهريون پوسٽر جاري |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ڪاميڊين ۽ اداڪار ڪپل شرما جي فلم ‘دادي ڪي شادي’ جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. فلم ۾ ڪپل شرما سان نيتو ڪپور، رڌيما ڪپور ۽ سعديه خطيب اهم ڪردارن ۾اچي رهيون آهن. پينوراما اسٽوڊيو جي بينر هيٺ ٺهيل انهي فلم جي ڪهاڻي ۽ ڊائريڪشن اشيش آر موهن ڏني آهي. فلم جي پوسٽر ۾ نيٽ فليڪس جو لوگو پڻ شامل آهي، جيڪو فلم جي ڊجيٽل رليز کي ظاهر ڪري ٿو. فلم جو تصور هڪ خاندان جي زندگي ۾ وقت سان گڏ ايندڙ تبديلين ۽ ڏاڏي جي شادي جي منفرد خيال جي چوڌاري گهمي ٿو. هي مزاحيه فلم 8 مئي تي سينما گهرن ۾ ايندي.