| ڪپڙن بدران انسانن کي ڌوئيندڙ واشنگ مشين متعارف |
ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ ڪپڙن بدران انسانن کي ڌوئيندڙ جديد واشنگ مشين متعارف ڪرائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان ۾ هڪ اليڪٽرانڪ ڪمپني هيومن واشنگ مشين نالي پراڊڪٽ تيار ڪيو آهي شروعاتي طور ان جا رڳو 50 يونٽ تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندا ويا آهن. ان حوالي سان ڪمپني انتظاميا جو چوڻ آهي ته اها جديد مشين نه 15 منٽن اندر انسانن کي ڌوئي صاف ڪري سگهندي پر ان دوران کين سڪائڻ وارو عمل به ڪري سگهي ٿي. ڪمپني انتظاميا موجب هيومن واشنگ مشين کي استعمال ڪرڻ لاءِ ماڻهو کي ان ۾ ليٽڻو پوندو جنهن بعد اها پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. ماڻهن کي ڌوئڻ دواررن واشنگ مشين جسماني ڊيٽا خاص طور دل جي ڌڙڪڻ واري عمل به ٽريڪ ڪندي. سندس چوڻ هو ته واشنگ مشين ماڻهن کي نه رڳو ڌوئي صاف ڪندي پر ذهن به تازو ٿي ويندو. جديد هيومن واشنگ مشين جي تعارفي قيمت3 لک 85 هزار ڊالر يعني 10 ڪروڙ 80 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.