ڪچي ۾ هاءِ ويز تي قائم پڪٽس تي 15-15 اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو: گشت وڌائڻ جو حڪم

اپريل 2, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اسان ڏوهن ۾ واڌ جي ذميواري قبول ڪريون ٿا، حقيقت ۾ڪرمنل جسٽس سسٽم ئي انهي جو ذميوار آهي، پوليس جوابدارن کي پڪڙي ٿي پر اهي آزاد ٿي وڃن ٿا

پنهنجي هائوس تي صحافين کي ڏنل افطار ڊنر ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي غلام نبي ميمڻ چيو ته دنيا ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ادارا ڪم ڪن ٿا، ڏوهارين کي سزائون ملن ٿيون، اسان وٽ به ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس سان گڏ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻا پوندا، ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ بهتري جي ضرورت آهي

 هن چيو ته صحافين کي گذارش آهي ته پوليس جي سٺن ڪمن کي به اجاگر ڪن، آئون نٿو چوان ته ڏوهن جون خبرون نه هلايو پر ڪارڪرگي جون خبرون به هلايو ته جيئن پوليس جو مورال بلند ٿئي

 انهي کان اڳ ڪچي ۾ آپريشن بابت ٿيل اجلاس ۾  آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي لاءِ 5 لک انعام ۽ سرٽيفيڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو

 آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي ۾ قائم پوليس پڪٽس تي مقرر آفيسرن ۽ اهلڪارن کي چوڪس رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، هاءِ ويز تي قائم پڪٽس تي 15-15 اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ته جيئن مسافرن کي محفوظ ڪري سگهجي

 هن چيو ته انٽيليجنس نيٽ ورڪ ۽ مخبري کي مضبوط بڻايو وڃي ڌاڙيلن جي ٿاڪن، پناهگاهن، سهولتڪارن ۽ پاٿاريدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، حراست ۾ ورتلن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن

 غلام نبي ميمڻ چيو ته انويسٽيگيشن الائونس سڄي سنڌ ۾ ڏنو ويندو. ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پوليس سان گڏ نه صرف سنڌ سرڪار پر آئون پاڻ به هر قدم تي گڏ آهيان

Leave A Comment