ڪچي ۾ ڀرپور آپريشن جو فيصلو، دهشتگردن جو خاتمو ڪبو، غيرقانوني پرڏيهي ضرور ڪڍبا: حڪومت

نومبر 25, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  وفاقي گھرو وزير سرفراز بگٽي جي صدارت ھيٺ نيشنل ايڪشن پلان ڪوآرڊينشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ گهرو سيڪريٽري، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا، سمورن ڊي آءِ جيز، چيف سيڪريٽريز، انٽيليجنس ايجنسيز جي اعلي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت عملدرآمد جي حوالي سان جائزو ورتو ويو. سمورن ڊي آءِ جيز پاران نيشنل نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد متعلق بريفنگ ڏني. وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظھار ڪندي چيو ته دھشتگردن جو ھر صورت ۾ خاتمو ڪيو ويندو، ملڪ ۾ امن قائم ڪيو ويندو. دھشتگرد ۽ انتھا پسند جماعتن خلاف اثرائتي ڪاروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سيڙپڪارن ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اسمگلرن ۽ منشيات خلاف سخت ايڪشن کنيو پيو وڃي، معاشري ۽ معيشت جي لاءِ ناسور بڻيلن خلاف ايڪشن جاري رکيو ويندو، گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي ذريعي نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت وارو مواد ڦھلائيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پابندي پيل تنظيمن ۽ فورٿ شيڊول ۾ شامل ماڻهن جي چندو وٺڻ تي پابندي آهي، پاڪستاني پنھنجو صدقو، خيرات، روڪ رقم صرف منظور ٿيل ادارن کي ڏين، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۽  پنجاب جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف اثرائتي ڪاروائي جي لاءِ پوليس کي جديد ھٿيار ۽ ٽريننگ ويندي، هدايت ڪئي وئي ته ڪچي وارن علائقن ۾ مڪمل طور امن قائم ڪيو وڃي، بلوچستان ۾ عليحدگي پسند دھشتگرد جماعتن خلاف اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته دھشتگردن سان ڳالھيون نه ٿينديون، غيرقانوني غير ملڪين کي پاڪستان مان نيڪالي ڏني ويندي، پاڪستان کي ھڪ مضبوط رياست بنائڻ وڃون پيا، جتي قانون تي عمل يقيني بنايو ويندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار