ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ حساس ادارن ۽ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو، آءِ جي سنڌ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم

جُولاءِ 31, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ حساس ادارن، رينجرز ۽ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

حڪومت طئه ڪيو آهي ته ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا ختم ڪرڻ بعد پوليس ڪچي ۾ پنهنجي بيس ڪيمپ ٺاهيندي، اجلاس دوران آءِ جي سنڌ پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي

ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ حساس ادارن، رينجرز ۽ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي سربراهي ۾ 14 رُڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، حساس ادارن، رينجرز ۽ فوج جا نمائندا به ڪاميٽي ۾ شامل هوندا

ڪاميٽي ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن جا تفصيل گڏ ڪندي، اُن بعد آپريشن لاءِ جامع پلان جوڙيو ويندو

وڏي وزير چيو ته مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان هٿ ڪيل هٿيارن جي فارينزڪ ڪرائي وڃي، خبر پوي ته انهن هٿيارن جي ساخت ڇا آهي؟ پوليس کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر صوبي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪيو وڃي

وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ پوليس جون پَڪيون پِڪٽس ٺاهي اُنهن کي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، گهوٽڪي- ڪنڌڪوٽ پُل ٺاهڻ سان ڪچو کُلي ويندو ته ڏوهاري ختم ٿي ويندا

وڏي وزير پاران ڪچي ۾ رستا ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي وئي، وڏي وزير پاران مارجي ويلن ڌاڙيلن وٽان هٿ ڪيل هٿيارن جو جائزو ورتو ويو

Leave A Comment