ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار هجڻ جو اعتراف: ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن، ٻي صورت ۾ بچي نه سگهندا: سنڌ سرڪار

اپريل 15, 2024

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار اعتراف ڪيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي جنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن

 ڪنڌڪوٽ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته  ڌاڙيلن وٽ جنگي هٿيار ڪيئن پهتا؟ اهو وڏو سوال آهي جنهنکي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

سندس چوڻ هو ته ڪشمور، شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ڏوھارين جي خاتمي خلاف حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن، ٻي صورت ۾ بچي نه سگهندا

ضياءَ لنجار چيو ته ڪراچي جي امن ۾ نگران حڪومت دوران بگاڙ آيو، جلد اسٽريٽ ڪرائيم ختم ڪرايو ويندو، قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن سان ڳالھايو آھي، جلد اجلاس  گھرائي جهيڙيندڙ ڌرين ۾  ٺاهه ڪرايو ويندو

Leave A Comment