| ڪڏهن مڊل آرڊر فلاپ ته ڪڏهن ڪامياب: قومي ٽيم جي ٽرائي سيزير جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست |
راولپنڊي( اسپورٽس نيوز) ٽرائي سيريز جي پهرين ميچ ۾پاڪستان زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، تفصيل موجب پهرين ميچ ۾ ميزبان پاڪستان ٽاس کٽي زمبابوي کي پهريان بينٽنگ جي دعوت ڏني، برائن بينٽ ۽ ماروماني جو پاور پلي ۾ قومي ٽيم جي بالرن کي ڪٽڪو،70 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ،محمد نواز ماروماني کي آئوٽ ڪري اسڪور تي ڪنٽرول آندو، پاور پلي کانپوءِ زمبابوي جي ٽيم وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي، وڪيٽ پويان وڪيٽ ڪرندي رهي، پاڪستان ٽيم بالرن ميچ ۾ شاندار واپسي ڪئي، زمبابوي جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهي سگهي، ڪپتان سڪندر رضا آخري تائين مزاحمت ڪئي، زمبابوي طرفان بينيٽ 49، سڪندر رضا 34، ماروماني 30، برينڊن ٽريلر 14 ۽ ريان برل 8 رنسون اسڪور ڪيون،پاڪستان طرفان محمد نواز 2، شاهين، صائم، ابرار ۽ سلمان مرزا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ٻئي اننگز ۾ گهربل 148 رنسن جي ٽارگيٽ جي پويان قومي ٽيم ٿاٻڙجي پئي، ٽاپ آرڊر مڪمل ناڪام ٿي ويو،صاحبزادي فرحان 16، صائم ايوب 22، بابر اعظم ٻڙي، ڪپتان سلمان علي آغا هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، فخر زمان ۽ عثمان خان جو ٽيم کي سهارو، محمد نواز جي به فتح ۾ پنهنجو حصو وڌو، فخر زمان 44، عثمان خان 34 ۽ محمد نواز 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا،قومي ٽيم 148 رنسون جو ٽارگيٽ 20هين اوورن جي ٻئي بال تي پورو ڪري ورتو،زمباوي جي ايونس 2، انگروا، ماپوسا ۽ ڪريمر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،