ڪڙيوگهنور نائيٽ ٽورنامينٽ: نونداڻي ۽ فيضان اسٽار سوڀاريون

ڪڙيوگهنور نائيٽ ٽورنامينٽ: نونداڻي ۽ فيضان اسٽار سوڀاريون

ڪڙيوگهنور(اسپورٽس نيوز) ڪڙيوگهنور مرحوم دودو مهيري جي نالي سان منسوب نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا بهترين مقابلا جاري ، نونداڻي  اليون ۽ فيضان اسٽار اليون ڪاميابي ماڻي ورتي، پهرين ميچ نونداڻي اليون ۽ ال فرينڊم اسٽار اليون وچ ۾ کيڏي ويئي، نونداڻي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 98 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ال فرينڊم اسٽار اليون مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي  صرف 60 رنسون ٺاهي سگهي،  جڏهن ته ٻي ميچ ليجنڊس اليون ۽ فيضان اسٽار اليون وچ ۾ کيڏي وئي، فيضان اسٽار اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ليجنڊس اليون 86 رنسون ٺاهي سگهي،