ڪڙيوگهنور: نائيٽ ٽورنامينٽ: پي ٽي آءِ ۽ سهراب ڳوٺ ميچون کٽي ورتيون

ڪڙيوگهنور: نائيٽ ٽورنامينٽ: پي ٽي آءِ ۽ سهراب ڳوٺ ميچون کٽي ورتيون

ڪڙيوگهنور (اسپورٽس نيوز) ڪڙيوگهنور ۾مرحوم دودو مهيري جي نالي سان منسوب نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا بهترين مقابلا جاري، پي ٽي آءِ اليون ۽ سهراب ڳوٺ اليون ڪاميابي ماڻي ورتي، پهرين ميچ پي ٽي آءِ اليون ۽ نظاماڻي ڪنگ اليون وچ ۾ کيڏي وئي، پي ٽي آءِ اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ نظاماڻي ڪنگ اليون 3 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن ۾ صرف 90 رنسون ٺاهي سگهي ، جڏهن ته ٻي ميچ فريڊم اسٽار اليون ۽ سهراب ڳوٺ اليون وچ ۾ کيڏي وئي، سهراب ڳوٺ اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 103 رنسون ٺاهيون جواب ۾ فريڊم اسٽار اليون 3 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 54 رنسون ٺاهي سگهي ،