ڪڙيو گهنور: نائيٽ ٽورنامينٽ: جنت السنڌ ۽ رک مولا تي ميچون کٽيون

ڪڙيو گهنور: نائيٽ ٽورنامينٽ: جنت السنڌ ۽ رک مولا تي ميچون کٽيون

ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور ۾ مرحوم دودو مهيري جي نالي سان منسوب نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ  پنهنجي آخري  منزل طرف روان دوان، ٽورنامينٽ جا بهترين مقابلا جاري، جنت السنڌ اليون  ۽ رک مولا تي   اليون ميدان ماري  ورتو،  پهرين ميچ ٽيپو سلطان اليون ۽ رک مولا تي اليون وچ ۾ کيڏي وئي، ٽپو سلطان اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ رک مولا تي اليون 4 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري مئچ کٽي ورتي، ٻي ميچ جنت السنڌ اليون ۽ ٽيم سلطان اليون بدين جي وچ ۾ کيڏي وئي

، ٽيم سلطان اليون بدين پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 118 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ جنت السنڌ اليون آخري اوور ۾ آخري بال تي ميچ کٽي ورتي،