| ڪڙيو گهنور واسين پاران “منشيات کان پاڪ سنڌ” ثقافتي ڏهاڙي جي آجيان |
ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران اعلانيل ثقافتي ڏهاڙو منشيات کان پاڪ سنڌ جي ڪڙيوگهنور واسين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڀرپور آجيان ڪري ثقافتي ڏهاڙو شاندار نموني ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، ان حوالي سان سياسي سماجي قوم پرست اڳواڻن ڪامريڊ وشنو مل ، ابوبڪر ڪڇي، ڄيٺو مل ، پير فراز شاھ ، گيانچند مهيشوري ، رضا سمون ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سنڌي ميڊيا ۾ سڀ کان پهرين علي قاضي سنڌي ثقافت جو بنياد رکي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ گڏ ڪيو، پاڻ جيڪو هينئر منشيات کان پاڪ سنڌ وارو سلوگن ڏنو اٿن ، اهو واقعي هڪ وقتائتو ۽ بهترين آهي ، هن وقت سڄي سنڌ ۾ منشيات عروج تي آهي ، اسان کي منشيات کان پاڪ سنڌ گهرجي ، منشيات کان انڪار ڪري اسان ۽ نوجوانن کي پنهنجي زندگي سان پيار ڪرڻ گهرجي ، منشيات هڪ موذي مرض آهي جنهن ڪيترا گهر اجاڙي ويڙها ويران ڪري ڇڏيا ، هن ثقافتي ڏينهن کي اسان ڀرپور نموني ملهائينداسين ، اسڪولن ۾ به استاد شاگردن کي منشيات واپرائڻ کان منع ڪري ٿيندڙ نقصانن بابت به ڄاڻ ڏين ، منشيات هڪ مٺو زهر آهي ، اسين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ جا انتهائي شڪرگذار آهيون جيڪي هر سال ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي اشو تي ثقافت رنگ ڏيئي ملهائڻ لاءِ سنڌ کي گڏ ڪري ٿو ، سندن محنت همٿ ۽ بهادري کي سلام هجي