ڪڙيو گهنور ڀرسان 4 ٻارن جي بيروزگار پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

جُون 4, 2023

ڪڙيوگهنور ( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور ويجهو ڄامواهه لڳ امان الله مهيري جي زرعي زمين تي هارپو ڪندڙ 4 ٻارن جي پيءُ 25 سال جي نوجوان عالم پٽ رائيچند ڪولهي  گهريلو پريشانين ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو،  ڪڙيوگهنور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش وڻ مان لاهي کڻائي تعلقي اسپتال گولاڙچي پهچايو.وارثن موجب نوجوان بيروزگاري ۽ گهرو پريشاني  کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آھي. ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور جو چوڻ هو ته نوجوان گهرو پريشاني ۽ بيروزگاري سبب وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي آھي.

Leave A Comment