ڪڙيو گهنور ۾ دودو مهيري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ گولاڙچي رک  مولا اليون کٽي ورتو

ڪڙيو گهنور ۾ دودو مهيري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ گولاڙچي رک  مولا اليون کٽي ورتو

ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور مرحوم دودو مهيري جي ياد ۾ لڳل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو شاندار فائنل مقابلو ٿي گذريو، رک مولا اليون گولاڙچي ميلو لٽي ورتو ، ڪڙيوگهنور نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورناميٽ جو فائنل جنت السنڌ اليون ڪڙيو ۽ رک مولا اليون گولاڙچي وچ ۾ کيڏيو ويو ، جنت السنڌ اليون ٽاس کٽي پهريا بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهي سگهي ، ۽ رک مولا اليون کي کٽڻ لاء 124 جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ رک مولا اليون بهترين بئٽنگ ڪندي آخري اوور ۾ مليل ٽارگيٽ آساني سان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي رک مولا اليون جي رانديگر انيسر قريشي کي مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، انيسر قريشي بهترين بئٽنگ ڪندي 18 بالن تي 70 رنسن سان نمايا رهيو ، جڏهن ته فائنل کيٽندڙ ٽيم کي چيف آرگنائيزر خالد مجيد مهيري طرفان موٽر سائيڪل ۽ روڪ ڪيش انعام ۽ هاريندڙ ٽيم کي 50000 ، پنجانھ هزار روڪ انعام ۽ ٽرافيون ڏنيو ويو ، جڏهن ته هي نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪڙيوگهنور جي ٽورنامينٽن مان هڪ بهترين ٽورناميٽ ٿي گذريو ، هن ٽورناميٽ ۾ پاڪستان ليول تي ٽوٽل 12 ٽيمن حصو ورتو ، هي ٽورناميٽ رمضان المبارڪ جو سڄو مهينو جاري رهيو ، جنهن جو شاندرا فائنل ٿي گذريو