ڪڙيو گهنور ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري: فيضان اليون ۽ سپر ڪنگ ميچ کٽي ورتا

ڪڙيو گهنور ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري: فيضان اليون ۽ سپر ڪنگ ميچ کٽي ورتا

ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور مرحوم دودو مهيري جي نالي سان منسوب نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ  پنهنجي منزل طرف روان دوان ، ٽورنامينٽ جا بهترين دلچسپ مقابلا جاري ، فيضان   اليون  ۽ سنهڙو سپر ڪنگ اليون ڪاميابي ماڻي ورتي  جڏهن ته پهريون مئچ بخاري اليون ۽ فيضان اليون وچ ۾ کيڏي ويئي ، بخاري اليون ٽاس کٽي پهريان فيضان اليون کي بئٽنگ جي دعوت ڏني ، فيضان اليون پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهي سگهي  ۽ بخاري اليون کي کٽڻ لاءِ 101 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ بخاري اليون 70 رنسون ٺاهي سگهي ، اهڙي طرح فيضان اليون 31 رنسن تان مئچ کٽي ورتي ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي جاويد اسلم کي مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.  جڏهن ته ٻيو مئچ جنت السنڌ اليون ۽ سنهڙو سپر ڪنگ اليون وچ ۾ کيڏي ويئي ، جنت السنڌ اليون ٽاس کٽي پهريان سنهڙو سپر ڪنگ اليون کي بئٽنگ جي دعوت ڏني ، جيڪو فيصلو سندس لاء غلط ثابت ٿيو ، سنهڙو سپر ڪنگ اليون پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنسون ٺاهي سگهي ، ۽ جنت السنڌ اليون کي کٽڻ لاء 113 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ جنت السنڌ اليون مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهي سگهي ، اهڙي طرح سنهڙو سپر ڪنگ اليون 13 رنسن تان مئچ کٽي ورتي ، بهترين بالنگ ڪرڻ تي سنهڙو سپر ڪنگ جي رانديگر شهباز مهيري کي مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، شهباز مهيري 2 اوورن ۾ 4 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو