| ڪڙيي گهنور جي ڳوٺ ۾ اسڪولي عمارت زبون، ٻار اوطاق ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور، احتجاج |
ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور جي وارڊ نمبر 4 جي ڳوٺ حاجي بابر ملاح ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول عارب ملاح جي اسڪول جي عمارت زبون بڻيل آهي، گذريل هاڃيڪار برساتن ۾ اسڪول جي ڇت به ڪري پٽ پئجي وئي، جنهن کي ڪيترائي سال گذري چڪا آھن، ڳوٺاڻن جي دانهن ڪوڪن جي باوجود اڃائين ڄاڻايل اسڪول جي عمارت جي ڪابه مرمت نه ٿي سگهي، گرمي هجي يا سردي ڳوٺ بابر ملاح ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا سوين ٻارڙا اڄ به دربدر آھن، جيڪي هن وقت اسڪول جي عمارت نه هئڻ سبب ڳوٺ جي هڪ اوطاق ۾ پڙھڻ تي مجبور آھن، ان سلسلي ۾ کنڊر بڻيل اسڪولي عمارت جي اڳيان نٽھڻ سخت گرمي ۾ سوين شاگردن اسڪول هيڊ ماستر عبدالحفيظ ٻٻر ۽ ڳوٺاڻن وڪيو ملاح ، سليمان ملاح ، محمدعلي ، غلام حسين ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو هي اسڪول 1983 ۾ ڊاڪٽر سڪندر منڌري پاران ڏنو ويو هو، ان بعد اسڪول جي مرمت نه ٿي سگهي ۽ اسڪول زبون ٿي ڪري پيو، اسڪول هن وقت سمورو ٽٽي تباهه ٿي کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آھي، سردي توڙي سخت گرمي ۾ اسان هتي مجبوري طور هڪ اوطاق ۾ پنهنجا ٻار پڙھائي رهيا آھيون. هتي پيئڻ جي پاڻي واش روم ، بجليء سميت ڪي به بنيادي سهولتون ميسر ناهن، جڏهن ته اسڪول هيڊ ماستر عبدالحفيظ ٻٻر جو چوڻ آھي ته هن اسڪول ۾ 80 کان 100 جي ويجهو ٻارڙا داخل آھن، اسڪول عمارت نه هجڻ ڪري تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھيون ، ڳوٺاڻن جي مهرباني سان اسان شاگردن کي اوطاق ۾ پڙهائي رهيا آهيون ، پراڻو اسڪول زبون حال ۽ پڙهائي جي لائق ناهي رهيو ، تعليم جي وزير سردار شاه سميت لاڳاپيل اختياريون جلد نوٽيس وٺي اسڪول عمارت تيار ڪرائي ڏين ته جئين هتان جي غريب خاندانن جا ٻارڙا پڙھي پنهنجو مستقبل ٺاهي سگهن،