| ڪڙيي گهنور جي 50 هزار آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم، آر او پلانٽ ۾ جهنگ ڦُٽي ويو |
ڪڙيو گهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور ٽائون ڪميٽي سٽي جي 50 هزار آبادي لاءِ ورلڊ بئنڪ طرفان ڪڙيوگهنور جي شھرين جي سُک لاءِ 2007 ۾ ڪروڙن جي رقم سان جڙيل آر او پلانٽ جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري آر او پلانٽ شهرين کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهيو، اسٽاف پاڻ مرادو پنهنجو سامان کڻي گهر روانو ٿي ويو فقط رڪارڊ ۾ سيلري کڻڻ جا انڪشاف سامهون آيا آھن، هزارين ماڻھو پيئڻ جي لائق پاڻي کان محروم رهڻ ڪري غير معياري پاڻي واپرائڻ ڪري پيٽ جي حيريت انگيز تڪليفن سميت پريشانين مبتلا آھن، آر او پلانٽ جي مالڪي نه ٿيڻ سبب آر او پلانٽ هن مهل جهنگ ۾ تبديل ٿي ويل آھي، موالين ديرا ٺاهي ڇڏيا آھن، آر او پلانٽ جي مشينن، ٻاهر گيٽ وٽ پاڻي جون لڳل نلڪيون توڙي پلانٽ منجهان لکين رپين جي اسڪريپ به چور پنهنجو سمجهي ٻھاري ويا آھن، ان حوالي سان شھرين رمضان ڪنڀار ، هارون شيخ ، ملڪ مهتاب ، گيانچند مهيشوري ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي بار بار دانهن ڪوڪن جي باوجود هن اداري سان لاڳاپيل اختيارين ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آھي، جڏھن ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ڪڙيو گهنور جي شھرين جي سُک لاءِ قائم ڪيل آرو پلانٽ هن مهل نندڻڪائي جو شڪار بڻيل آھي، هنن چيو ته آر او پلانٽ جا ڪيترائي ڀيرا آفيسر وزٽ به ڪري ويا آهن ، مگر ڪنهن به هن وقت تائين هن جي مالڪي ناهي ڪئي ، هنن چيو ته گذريل ڪيتري ئي وقت هي پلانٽ ناڪاره بڻيل آهي مگر ڪو به نوٽيس وٺڻ ۽ ٻڌڻ لاء تيار ناهي جنهن ڪري شهرين کي هن مان ڪوبه لاڀ نه ٿو ملي سگهي ، هنن هتان جي چونڊيل نمائيدن اعليٰ اختيارين ورلڊ بئينڪ ۽ ٻين کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته جلد از جلد آر او پلانٽ کي فعال ڪري شهرين کي پئيڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي، هوڏانهن ويران بڻيل اسڪارپ آفيس ۾ ڪير به نه هئڻ ۽ اڪثر آفيسرن جا نمبر بند هئڻ ڪري ڪنهن سان رابطو نه ٿي سگهيو.