ڪڙيي گهنور ويجهو نينگري مٿان مذهب مٽائي شادي لاءِ دٻاءَ، احتجاج، هڪ گرفتار

ڪڙيي گهنور ويجهو نينگري مٿان مذهب مٽائي شادي لاءِ دٻاءَ، احتجاج، هڪ گرفتار

ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور لڳ ڳوٺ عمر شيدي جي رهواسي 12 ورهين جي غير مسلم هندو نينگري لالي ڪولهڻ ، پنهنجي پيءُ وشرام ڪولهي ، ۽ ماءُ سيتا ڪولهڻ کي ساڻ ڪري ڪڙيوگهنور پريس ڪلب ۾ احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته جوابدار معشوق بروهي، پنهنجي ساٿين غلام حسين خاصخيلي ۽ ٻين  جي مدد سان مون کي زوري  اغوا ڪري جبري  مذهب تبديل ڪري مونسان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ، هو رات به پنهنجي ساٿين سان گڏ  منهنجي گهر ۾ گهڙي مون کي زبردستي اغوا ڪرڻ ۽ کنڀڻ  جي ڪوشش ڪئي ، منهنجي رڙين تي ڳوٺاڻن مون کي اغوا کان بچائي ورتو،  هو مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي  پنهنجي ساٿين سان گڏ وڌيڪ تنگ ڪري رهيو آھي،  مون کي ۽ منهنجي ماءُ سيتا، پيءُ وشرام  ڪولهي سميت اسان کي انهن مان  پنهنجي جانين  جو خطرو آھي، ايس ايس پي بدين ، آء جي سنڌ ، ڊي آء جي حيدراباد ، ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور ۽ ٻيا وس وارا اسان جي مدد ڪري اسان کي تحفظ ڏيارين،  ٻئي پاسي ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي ايس ايڇ او حاڪم علي جلباڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪيس داخل ڪري  فوري طور تي ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار معشوق بروهي کي گرفتار ڪري ورتو