ڪڙيي گهنور ۽ ڀرپاسي گرمي، بيمارين جا حملا، 100 کان وڌيڪ ماڻهو مختلف مرضن ۾ جڪڙجي ويا

ڪڙيي گهنور ۽ ڀرپاسي گرمي، بيمارين جا حملا، 100 کان وڌيڪ ماڻهو مختلف مرضن ۾ جڪڙجي ويا

ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيي گهنور ۽ ڀرپاسي گرمي وڌڻ کانپوءِ بيمارين حملا ڪري ڏنا، 100 کان وڌيڪ ماڻهو  مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا، ڊائريا ، مليريا ، ٽي بي ، سائي ، خارش ، الرجي ،  مدي جو بخار سميت پيٽ جون ٻيون ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون عام ٿي ويون، متاثر  مريضن ۾ علي نواز مهيري، گل حسن چانڊيو، خدا بخش سمون، نبي بخش چانڊيو، شهاب الدين مهيري، قادر بخش، ارسلان علي، خادم حسين  ۽ ٻيا شامل آهن، ماهر ڊاڪٽرن صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ صاف ۽ معياري پاڻي کان علاوه خراب ۽ غير معياري کاڌو کائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٿڌيون شيون ۽ ٿڌو  پاڻي وڌيڪ  واپرائڻ جو مشورو ڏنو ويو.  مين پڙي، گٽڪي ، شراب ، سبب ماڻهو پيٽ جي تڪليفن ۽ معدي جا مريض عام ٿي ويا، جڏهن ته غير معياري پاڻي جي استعمال خوراڪ ۾ پاروٿيون سبزيون ، گوشت ، هاڃيڪار آئل تيل تيز مصالحن جي بنا تصديق واريء شين جي استعمال سبب هن وقت ڊائريا، مليريا، ٽي بي، سائي، خارش، الرجي، مدي جو بخار سميت پيٽ جون ٻيون ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون آهن جنهن کان ڪو ماڻهو بچيل ناهي،  جنهن جو مين ڪارڻ سبب سندن اڻ ڄاڻائي غير معياري خوراڪ ۽ پنهنجي طعبيت جو خيال نه رکڻ آهي ، رورل هيلٿ ميڊيڪل سينٽر پي پي ايڇ آءِ ڪڙيوگهنور  ۾ مريضن جي رش وڌندي پئي وڃي، سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر خرم الدين نظاماڻي پنهنجي اخبار سان  ڳالهائيندي چيو ته گرمي هيٽ اسٽروڪ  ۾ ماڻهو گهران نڪرڻ وقت مٿي تي ڪپڙو رکي  پوء نڪرن ،  نوجوان  منشيات ۽ نشي کان پاڻ کي بچائين ،  رڳو ڊاڪٽرن تي ڪاوڙ نه ڪن باقي سندن ويڄ اسان پاڻ آهيون، موسم جي اڻٽر تبديلين سبب ماڻهو پاڻ به پنهنجي صحت سان گڏ پنهنجي معصوم ٻارڙن جي صحت جو به خاص خيال رکن، سلجهيل شهرين باشعور ماڻهن جي تعاون ۽ پي پي ايڇ آءِ جي سهڪار سان ڪڙيوگهنور رورل هيلٿ ميڊيڪل سينٽر اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت انتهائي بهترين نموني سان هلي رهيو آهي ، هن سينٽر کي اڃا به بهترين بنائڻ لاء هتان جي سلجهيل ذهنن جي سهڪار جي ضرورت آهي ، 24 ڪلاڪ اسپتال کليل آهي.