| ڪڙيي گهنور ۾ آئيس موالي پاڻ کي چاقو سان جهير ڏئي وڍي ڇڏيو، زال مارڻ جي ڪوشش |
ڪڙيو گهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور شهر جي غريب آباد ڪالوني ۾ آئيس جي موالي ٽن ٻارڙن جي پيءُ عبدالڪريم ٻٻر آئيس جي نشي جا پئسا نه هئڻ سبب پنهنجو پاڻ کي چاقو سان جهير ڏيئي زخمي ڪرڻ بعد سندس گهر واريء امينا ٻٻر کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي ، سندس گهر واريء ڀڄي وڃي پاڙيسرين جي گهر ۾ پناھ ورتي ، جنهن بعد موالي جي ٻين وارثن ۽ پاڙيسرين مڙسي ڪري آئيس جي موالي کي کٽ سان ٻڌي ڪڙيوگهنور پوليس کي اطلاع ڏنو، ڪڙيوگهنور پوليس جوابدار جي گهر پهچي موالي کي ٿاڻي تي کڻي عزت سان سندن آفيس ۾ ڪرسي تي ويهاري ڇڏيو ، موالي جي گهر واريء امينا ٻٻر چيو ته آئون غربت سبب گهر ۾ سلائي مشين هلائي پورهيو ڪري گذر سفرڪندي آهيان ، موالي مڙس جي نشي جو پورائو ڪٿان ڪيان؟ موالي مڙس تشدد ڪندو هو ، پر ان هوندي به خاموش رهيس ، ٻئي پاسي سندن وارثن الهڏتو ٻٻر ۽ غفار ٻٻر رابطي تي ٻڌايو ته ڪڙيوگهنور پوليس جو وڏو منشي ۽ اي ايس آء ڪيس داخل ڪرائڻ لاء پئسا گهري رهيا آهن ، هنن جو چوڻ آهي ته پوليس چوي ٿي ته ڪيس تي خرچ ٿئي ٿو ، پر اسان پئسا ڪٿان آڻيون؟ وارثن جي شڪايت تي ڪوريج لاء پهتل صحافين مٿان پوليس ڏمرجي پئي، پريس ڪلب جي نائب صدر ناز مٺو مل کي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو، اهڙي عمل خلاف صحافين احتجاج ڪيو. خبر لکڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي