ڪڙيي گهنور ۾ زهريلي کاڌي کائڻ سبب 19 بيهوش ٿيلن جي طبيعت بدستور خراب، متاثرن مٿان دٻاءَ، مظاهرو

ڪڙيي گهنور ۾ زهريلي کاڌي کائڻ سبب 19 بيهوش ٿيلن جي طبيعت بدستور خراب، متاثرن مٿان دٻاءَ، مظاهرو

ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور لڳ ڳوٺ ڀائي مهيري ۾ 5 ڏينهن اڳ غير معياري  زهريلي اٽي واپرائڻ سبب 19 بيهوش ٿي ويلن جي طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي، وارثن ذميوار  واپاري خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، پر  اٽي چڪي مالڪ خلاف ڪا به ڪارروائي نه  ٿي، انتظاميا طرفان اُلٽو مٿن دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي عمل خلاف بيهوش ٿيلن جي وارثن رمضان مهيري، حاجي لشڪري مهيري، پوڙھو مهيري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. سندن چوڻ هو ته غير  معياري زهريلو اٽو وڪرو  ڪندڙ اٽي چڪي مالڪ کان اٽو خريد ڪري گهر وڃي پچايوسين، ماني کائڻ دوران اسان کي چڪر ۽  الٽيون اچڻ لڳيون ، ڀاتين جي حالت خراب ٿيندي ويئي ، جن کي  علاج لاءِ ايمرجنسي ۾ بدين انڊس اسپتال کڻائي وياسين ، ۽ انهن جو  علاج ڪرايو. جتي اسان جي هڪ ڳورهاري عورت جو ٻار به ضايع ٿي ويو، ۽ سندس حياتي کي خطرو لاحق ٿي ويو ،  جنهن جو آپريشن ڪرائي ان جي زندگي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. جڏھن ته اسان جي خاندان جا ٽوٽل ننڍا وڏا 19 ڄڻا اٽي واپرائيڻ  سبب سخت متاثر ٿيا. جن جي طبيعتن ۾ اڃان تائين  سُڌارو نه اچي سگهيو آھي، متاثر خاندان جو وڌيڪ چوڻ هو ته  واپاري انصاف ڪرڻ  بدران ويتر اسان کي مختلف طريقن سان دٻاءَ وجهرائي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آھي، گذريل ٻن ڏينهن کان شهر جي معزز وٽ به فيصلو رکيل هو ، مگر اهو به نه ٿي سگهيو،  هنن خوراڪ کاتي جي اعليٰ اختيارين، ايس ايس پي بدين ، ڊي سي بدين  اي سي گولاڙچي کان هن معاملي جو ترت  نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪري واپاري خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي  پنهنجي اخبار پاران اٽي چڪي جي مالڪ دليپ ڪمار سان مسلسل رابطي کان پوء ان ٻڌايو ته اٽو خراب نه هو اسان تي الزام غلط آهن، اسان کي هروڀرو ڦاسايو پيو وڃي.