ڪڙيي گهنور ۾ عورت گھر اندر ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

ڪڙيي گهنور ۾ عورت گھر اندر ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور لڳ غريب آباد ڪالوني ۾ شانتي زال کيمچند ڪولهي پنهنجي گهر اندر لاٽڻ ۾ رسوٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي ڪڙيوگهنور پوليس واقعي واريء هنڌ پهچي لاش ضروري  ڪاروائي لاء اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، ٻئي طرف خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ، پوليس جو چوڻ آهي ته اسان واقعي جي رپورٽ داخل ڪري جانچ ڪريون پيا.