| ڪڙيي گهنور ۾ غيرمعياري کاڌو کائڻ 12 ڀاتين جي طبيعت خراب، عورت جو حمل ضايع |
ڪڙيو گهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور جي خاصخيلي آئل فيلڊ اسٽاپ تي قائم اَٽا چڪي تان خريد ڪيل اٽو واپرائڻ سبب ڳوٺ ڀائي خان مهيري ۾ مهيري خاندان جي 12 ڄڻن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، متاثرن ۾حاجي مهيري منورمهيري، قادرمهيري، غلام حسين مهيري ، سميت عورتون ننڍا ٻار به شامل آهن جن کي علاج لاءِ بدين انڊس اسپتال نيو ويو، جتي هڪ ڳورهاري عورت جو ٻار به ضايع ٿي ويو، ڊاڪٽرن طرفان غير معياري خوراڪ واپرائڻ جي تصديق ڪئي وئي ، متاثر ڌر جو چوڻ هو ته تيل ڪمپني تي قائم اٽي جي چڪي تان اٽو خريد ڪرڻ دوران ماني پچائي کائڻ بعد ئي سندن طبيعت خراب ٿيندي وئي، بااثرن ۽ سياسي پريشر سبب متاثر پنهنجو وڌيڪ موقف ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا، هوڏانهن اٽي چڪي انچارج معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ متاثرين ۽ شھرجي چڱن کي منٿون ڪرڻ لڳو، شهر جي معزز خليفي عبدالغفور نظاماڻي وٽ فيصلي جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. واقعي کي ميڊيا کان پري رکيو ويو ، شھر سميت ايرياز ۾ هلندڙ فلور ملز ۾ تيار ڪيل غير معياري اٽي جي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن سبب انساني صحت خطري ۾ پئجي وئي.