ڪڙيي گهنور ۾ منشيات روڪي حياتيون بچايو: سيشن جج جو ايس پي کي خط

ڪڙيي گهنور ۾ منشيات روڪي حياتيون بچايو: سيشن جج جو ايس پي کي خط

ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ روزاني  پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي بدين کي خط جاري ڪري ڇڏيو ، جنهن ۾ ضلعي اندر وڌندڙ منشيات، خاص طور آئس جي وڪري ۽ استعمال بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اخبار جي خبر موجب بدين ضلعي جي شهر ڪڙيوگهنور  ۾ منشيات جي وڪري ۽ استعمال ۾ خطرناڪ واڌ ٿي رهي آهي، جتي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو نوجوان “آئس” جا عادي بڻجي چڪا آهن۔ خط ۾ ايس ايس پي بدين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اخبار ۾ ذڪر ڪيل سمورن معاملن بابت جامع رپورٽ تيار ڪري 7 اپريل 2026ع تائين ڪورٽ سڳوري کي پيش ڪئي وڃي.