| ڪڙيي گهنور ۾ پراسرار بيماري سبب 5 اُٺ مري ويا، اوٺار پريشان |
ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ اٺن ۾ پُرسرار بيماري ڪاهي پئي آهي، جنهن ڪري مختلف ڳوٺن ۾ 5 اُٺ مري ويا آهن، اُٺارن کي لکين رپين جو نقصان پهتوآهي، ان ڏس ۾ اوٺار صديق مهيري جو هڪ اٺ، نوراحمد لاشاري جا 2، معشوق ملاح جو هڪ اٺ ۽ سجاد مهيري جو هڪ اٺ پرسرار بيماري سبب مري ويا آھن، جڏهن ته اڃا ڪيترائي اٺ بيماري ۾ ورتل آھن، لائيو اسٽاڪ کاتو اگهور ننڍ ستل آهي،اوٺارن سجاد مهيري، نوراحمد ملاح ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هي پرسرار بيماري خاص ڪري اوٺي مال ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳي آهي، جنهن ڪري لکين روپين جي ماليت جا اٺ مرڻ لڳا آهي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ حڪومت اوٺي مال جي بچاء لاء ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا آهن جنهن ڪري بيماري تيزي سان ڦهلجڻ لڳي آهي، اوٺار ڀاڳين مطالبو ڪيو ته جلد جلد نوٽيس وٺي لائيو اسٽاڪ جون ٽيمون موڪلي بيمار اٺن کي وئيڪسين ڪرائي وڌيڪ نقصانن کان بچايو وڃي.