ڪڪڙ، اٽو، ٽماٽا، ٿوم، گيهه، ڪاٺيون مهانگيون

  ڪڪڙ، اٽو، ٽماٽا، ٿوم، گيهه، ڪاٺيون مهانگيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 0.67 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ شماريات کاتي مطابق هفتيوار بنيادن تي مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 2.41 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران 12 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. 13 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 26 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مرغي جي في ڪلو تي 10 رپيا 8 پئسا اضافو ٿيو. ڪڻڪ جي 20 ڪلو اٽي تي 41 روپيا اضافو ٿيو. ٽماٽو في ڪلو هڪ روپيو هڪ پئسا مهانگو ٿيو. اهڙي ريت ٿوم، ويجٽيبل گيهه ۽ ڪاٺين جي اگهن ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته بصر 10 رپيا 82 پئسا ۽ پٽاٽا 5 رپيا 8 پئسا في ڪلو سستا ٿيا. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 10 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. کنڊ، ڳڙ ۽ ايل پي جي جو گهريلو سلنڊر جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.