| ڪڪڙ ويجهو بجلي تارن ۾ وچڙي چاچو ڀائٽيو فوت، 5 زخمي، لاش انڊس هاءِ وي وٽ رکي ڌرڻو |
ڪڪڙ (رپورٽ: امير حسن ملاح) ڪڪڙ ڀرسان ٻورڙي ٿاڻي جي حد۾ ڳوٺ ٻورڙي ۾ سيپڪو عملدارن جي مبينا لاپرواهي سبب افسوسناڪ سانحو پيش آيو ، 50 کان وڌيڪ گهرن مٿان گذرندڙ 11 هزار وولٽيج جي لڙڪيل بجلي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 8 سالن جو شاهزيب ولد شهزاد جوڻيجو ۽ سندس چاچو 25 سالن جو محمد اسلم ولد آندل جوڻيجو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 عورتن سميت 5 ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿي پيا آهن ، حادثي ۾ سڙي فوت ٿيلن ۾ 8 سالن جو آهن ، جڏهن ته زخمين ۾ ٻه عورتون ۽ مرد فوجي اھلڪار رحمان جوڻيجو سميت 5 ڄڻا شامل آهن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعو شھزادو جوڻيجو جي گھر اندر پيش آيو آھي ھوڏانھن سڙي فوت ٿيلن جي وارثن مقامي رهواسين پاران ڪڪڙ لڳ خانپور جوڻيجو مين روڊ انڊس ھاء وي تي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪندي لڳاتار 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رکيو شاھنواز جوڻيجو ، آفتاب سنڌي ، بلاول جوڻيجو ، واجد ، احسان سميت ٻين احتجاج جي اڳواڻي ڪئي ڌرڻي ۾ لاڙڪاڻي بار جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ عابد علي ڪلھوڙو پڻ يڪجھتي طور متاثرن سان احتجاج ۾ شامل ٿيو، لڳاتار ڌرڻي دوران گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون مسافر سخت پريشان جو شڪار ٿي ويا سنڌ پنجاب ويندڙ ٽريفڪ ٻنھي پاسن کان بيھي ويون مظاھرين سيپڪو عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي قاتل سيپڪو قاتل جا نعره ھنيا ويا ڊي ايس پي ڪي اين شاه مظاھرين وٽ پھچي متاثرن کي سيپڪو عملدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي ۽ ڌرڻو ختم ڪيو ويو
| ٻورڙي واسين مٿان قيامت ڪڙڪي پئي، علائقي ۾ سوڳ |
ڪڪڙ: ٻن ڄڻن فوت ٿيڻ جي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇائنجي وئي، فوتي جي گھرن ۾ قيامت برپا ٿي وئي مسلسل روڄ راڙو متل رهيو، سيپڪو وارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا ويا، ڳوٺاڻن وفاقي وزير بجلي ۽ سنڌ سرڪار توڙي سيپڪو چيف کان مطالبو ڪندي چيو ته قاتل سيپڪو وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
50 کان وڌيڪ گهرن مٿان 11 هزار وولٽيج جون تارون انتهائي خطرناڪ نموني لڙڪيل
ڪڪڙ: ٻورڙي واسين چيو ته 50 کان وڌيڪ گهرن مٿان 11 هزار وولٽيج جون تارون انتهائي خطرناڪ نموني لڙڪيل آهن ڪافي عرصي کان سيپڪو عملدارن کي بار بار گھرن مٿان لڙڪيل تارون ھٽائڻ جون درخواستون ۽ دانھون ايلاز منٿون ڪندا رهيا سين پر انتظاميا مڪمل طور نظرانداز ۽ ڪن لاٽار ڪندي رهي جنهن جو نتيجو اڄ 2 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو جيڪا سيپڪو جي نااھلي ۽ ڪوتاھي ھئڻ جو چٽو ثبوت آھي سيپڪو ايس ڊي او ڪي اين شاھ ۽لائين مين خلاف ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.