ڪڪڙ ويجھو پيءُ ملڪيت خاطر پٽ ماري وڌو، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

ڪڪڙ ويجھو پيءُ ملڪيت خاطر پٽ ماري وڌو، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. جتي پيءُ پنھنجي نوجوان پٽ کي ملڪيت خاطر بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کي پوليس والد ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڪنڊي ۾ پيءُ ملڪيت خاطر نوجوان پُٽ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پيءُ پيارل چنو اعتراف ڪندي چيو آھي ته مان   پنهنجي 24 ورهين جي نوجوان پُٽ ضمير علي چنو کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي، واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪڪڙ پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پھچي مقتول نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو . جڏهن ته پوليس جوابدار پيارل چنو کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪڪڙ شاهنواز اوٺو ٻڌايو ته چوڪنڊي ۾ ملڪيت خاطر پيءُ پٽَ کي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا. هوڏانهن پيءُ هٿان پُٽ جي قتل واري واقعي سبب ڪڪڙ ۽ ڀرپاسي ۾ ڏک ۽ حيرت جو ماحول ڇائنجي ويو. مقتول شادي شده هو ۽ کيس ٻن ٻارڙن جو اولاد هو ۽ سندس گھر واري حمل سان هئي. ذريعن موجب مقتول نوجوان بيروزگار هو ۽ پيٽ گذر لاءِ والد کان زمين جو ڪجھه حصو گھريو جنھن تان ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي قتل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار جو پٽ رزاق چنو ڪجھه سال اڳ پراڻي دشمني قتل ٿيو ھو ڪالهه وري پاڻ پنھنجي ٻي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.