ڪڪڙ ڀرسان باندي بڻايل عورت بازياب
جُولاءِ 1, 2025
ڪڪڙ ( پنهنجي ڊيسڪ )ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ ڪلو ساريو مان رات دير سان ڪڪڙ پوليس ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو جي گھر تي ڇاپو هڻي 13 ڏينھن کان قيدي بڻيل ناري مسمات ياسمين ڪنڀر کي بند ڪمري مان بازياب ڪرائي ورتو،مڙس عزيز ساريو ، سندس جا ڀائر ۽ ساٿي پوليس کي ڏسندي گھر ڇڏي فرار ٿي ويا، بازياب ٿيل عورت ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته مون 6 مھينا اڳ ڳوٺ ڪلو ساريو واسي پرائمري استاد عبدالعزيز ساريو سان شادي ڪئي بعد ۾ انهن مون سان مسلسل مڙس ۽ ڏير عبدالرحيم ساريو ۽ سندس پٽ اسد سميت ٻيا ناراض ٿي مون تي تشدد ڪندا رھيا ،13 ڏينھن کان مون کي بند ڪمري رکي مسلسل تشدد ڪيو ويندو ھئو ،رات دير سان ڪڪڙ پوليس ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو ، تشدد ۽ قيد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي