ڪڪڙ ۾ شادي دوران فائرنگ: گھوٽ جي چاچي مارجي وئي، نينگري زخمي

ڪڪڙ ۾ شادي دوران فائرنگ: گھوٽ جي چاچي مارجي وئي، نينگري زخمي

ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ويجهو ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾گهوٽ علي گل ڀٽو جي شادي جي تقريب جي ميندي دوران خوشي ۾ ڪيل فائرنگ دوران ھڪ عورت مارجي وئي ۽ نينگري سخت زخمي ٿي پئي. واقعي کانپوءِ خوشيون  ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ڌرين جي وارثن پاران پاڻ ۾ عزيز ھئڻ ڪري واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو آھي. 13 سالن جي  نينگر شاگرد ياسر ڀٽو جي خوشي مان ڪيل هوائي فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري گهوٽ جي چاچي 10 ٻارڙن ماءُ  50 سالن جي عورت مسمات حسينا زال محمد محمد حسين ڀٽو مارجي وئي، جڏهن ته فائرنگ سبب 12 سالن جي نينگري مسڪان ڀٽو پڻ زخمي ٿي پئي، مارجي ويل عورت جي مڙس محمد حسين ڀٽو چيو ته خوشي مان منهنجي ڀائيٽي ياسر ڀٽو پاران فائرنگ ڪئي، جنهن سبب اتفاقي گولي لڳڻ سبب منهنجي گهر واري فوت ٿي آهي، واقعو اتفاقي قرار آهي، ٻئي طرف قربان ڀٽو چيو ته فائرنگ ڪندڙ پُٽَ ياسر رات کان غائب آهي.