| ڪڻڪ اسڪينڊل: بدين جو ڊي ايف سي معطل: ڪراچي ۽ مٽياري جي ڪامورن کي شوڪاز |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي مان سوا 13 ارب رپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي ڊي ايف سي ۽ ٻئي عملي خلاف ڪارروائي بجاءِ رڳو شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي مان سوا13 ارب رپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ جي نشاندهي بعد ملير ضلعي جي اڳوڻي ڊي ايف سي سڪندر شاهه، لانڍي گدام جي انچارج مست علي ڏهر، پپري ٻئي نمبر سيڪشن جي انچارج برڪت علي، پپري سيڪشن نمبر4 جي انچارج نذير ڪانڌڙو، لانڍي گدام جي انچارج وسيم شيخ، لانڍي جي گدام نمبر هڪ جي انچارج عمران سيلرو، پپري جي سيڪشن نمبر هڪ جي انچارج شير محمد گهمرو کي رڳو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 14 ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. هوڏانهن بدين ضلعي ۾ ڪڻڪ جي گهٽ خريداري ٿيڻ سبب ڊي ايف سي جبار ميمڻ کي معطل ڪري سندس جاءِ تي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل مسعود مگسي کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مٽياري جي ڊي ايف سي در محمد چاچڙ پنهنجي ئي کاتي جي سيڪريٽري کي خريد ڪيل ڪڻڪ جا غلط انگ اکر ٻڌائي ڇڏيا آهن. اهڙو ڦاٽ ڦاٽڻ کانپوءِ ڊي ايف سي مٽياري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کانئس وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.