| ڪڻڪ اسڪينڊل: فوڊ انسپيڪٽر برطرف: 17 ڪروڙ ڀرائڻ جو حڪم: 3 ڪامورن کي نوٽيس |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ڪڻڪ اسڪينڊل، 17 ڪروڙن جي ڪڻڪ غبن ڪندڙ فوڊ انسپيڪٽر برطرف، رقم ڀرائڻ جو فيصلو، شهيد بينظيرآباد جي معطل ڊي ايف سي ۽ حيدرآباد ۽ سانگھڙ جي خريداري سينٽرن جي 2 انچارجن کي شوڪاز نوٽيس جاري. ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ فوڊ انسپيڪٽر طور مقرر رهندڙ 12هين گريڊ جي ملازم رانجھن ملڪ کي 17 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ غائب ڪرڻ جي انڪوائرين ۾ تصديق ٿيڻ بعد برطرف ڪري رقم واپس ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. ذريعن موجب فوڊ انسپيڪٽر رانجھن ملڪ سال 2011_12 ۾ 4370 ٻوريون 2019_20ع ۾ 5918 ٻوريون ۽ 2021_22 ۾ 953 ٽن ڪڻڪ غائب ڪئي، جنهن جي ماليت 17 ڪروڙ 37 لک رپين کان وڌيڪ آهي. ٻئي پاسي حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ غائب ۽ خراب ٿي وئي، جنهن تان شهيد بينظيرآباد جي معطل ڊي ايف سي ۽ حيدرآباد، سانگھڙ جي خريداري سينٽرن جي انچارجن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. فزيڪل ويريفڪيشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد جي پي آر سي ساسو جي فوڊ انچارج يونس قادر مسيح 75 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ڪري ڇڏي. جڏهن ته ڄاڻايل سينٽر تي ذخيرو پيل 424 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مٽي مليل هجڻ سبب خراب ٿي وئي آهي. اهڙي طرح شهيد بينظير آباد جي معطل ٿيل ڊي ايف سي محمد منور آرائين تي شهيد بينظيرآباد ۾ مقرري دوران 2 هزار 661 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب هجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، سانگھڙ جي ڊي ايف سي واري چارج دوران سانگھڙ جي سينٽرن تي ذخيرو پيل 2 هزار 472 ٽن ڪڻڪ استعمال لائق نه رهي. ٻئي پاسي سانگھڙ جي کپرو سينٽر تي 661 ٽن ڪڻڪ ۾ مٽيءَ ملائي وئي جنهن تان فوڊ انسپيڪٽر عطا عباس ميمڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
| ملير: ڊي ايف سي پاران بند فلور مل کي هزار ٽن ڪڻڪ جاري |
ڪراچي: ملير ضلعي جي ڊي ايف سي هڪ هزار ٽن ڪڻڪ بند پيل فلور مل کي جاري ڪري ڇڏي! ان حوالي سان ڪڻڪ جي فزيڪل ويريفڪيشن دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ملير ضلعي جي ڊي ايف سي سڪندر شاھ ڪڻڪ رليز پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي بند پيل فلور مل کي هڪ هزار ٽن ڪڻڪ جاري ڪري ڇڏي . اهڙو معاملو سامهون اچڻ بعد خوراڪ کاتي ڊي ايف سي ملير سڪندر شاھ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري 7 ڏينهن اندر وضاحت گهري آهي
شوڪاز نوٽيسن جا جواب نه ڏيندڙ ڪامورن کي گهر موڪلبو: فوڊ عملدار
ڪراچي: خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته مختلف ضلعن ۾ ڪامورن کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جا جواب نه اچڻ تي سندن مرحليوار برطرفين جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.