ڪڻڪ اگهه 3500 رپيا مڻ هارين جو معاشي قتلام، سنڌ جي زمينن تي قبضا پيا ٿين: هاري ڪانفرنس

ڪڻڪ اگهه 3500 رپيا مڻ هارين جو معاشي قتلام، سنڌ جي زمينن تي قبضا پيا ٿين: هاري ڪانفرنس

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) سنڌي  هاري تحريڪ جي سڏ تي نئون ڪوٽ ۾ هاري آبادگار ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي هارين، آبادگارن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي زراعت کي درپيش سنگين مسئلن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب زراعت ڏينهون ڏينهن تباهي طرف وڌي رهي آهي، جنهن سان هارين ۽ آبادگارن جو معاشي استحصال ٿي رهيو آهي، ڪانفرنس کي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نورمحمد خاصخيلي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، ضلعي صدر شگن ڪولهي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي جنرل سڪريٽري اياز کوسو عوامي تحريڪ تعلقي جهڏو جي صدر ممتاز جوڻيجو سنڌي هاري تحريڪ تعلقي جهڏو جي صدر پروانو ڪپري رحيم ڪلوئي، عوامي تحريڪ اڳواڻ نورمحمد کوسو، آبادگار اڳواڻن حاجي علي نواز دلوڻي، محمد موسا احمداڻي، مولا بخش جسڪاڻي، محمد  حنيف گرگيز ۽ ٻين خطاب  ڪندي چيو ته ڪڻڪ سميت ٻين فصلن جا اگهه مارڪيٽ ۾ هٿ وٺي گهٽ ڪرايا پيا وڃن، جڏهن ته ٻئي طرف زرعي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جا اگهه بي قابو ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري هاري سخت مالي بحران ۾ ڦاسي پيا آهن. ڪڻڪ جو 3500 اگهه هارين جو معاشي قتلام برابر آهي. سنڌ سرڪار سنڌ جي هارين کي هر آيل ڏينھن تڪيلفون ڏئي رهي آهي. هاري ڪارڊ هارين لاءِ ناهي. هنن چيو ته اڳ به ٽماٽو، بصر ۽ ٻين فصلن سان ساڳيو حشر ڪيو ويو، جنهن هارين کي سخت نقصان پهچايو. ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جيڪي هارين کان سندن زمينون کسي وڏين ڪمپنين حوالي ڪرڻ جي سازش آهي. اهڙي عمل کي سنڌ جي معيشت ۽ زراعت لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو ويو. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڻي جي کوٽ ۽ ورڇ ۾ ناانصافي به وڏو مسئلو بڻيل آهي، جتي مٿئين وارن علائقن ۾ پاڻي روڪي پڇڙين تائين نه پهچڻ ڏنو پيو وڃي، جنهن سان آبادگاري سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪانفرنس  ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زرعي جنسن جا اگهه فوري طور وڌايا وڃن، جڏهن ته ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جا اگهه گهٽائي هارين کي رليف ڏنو وڃي. گڏوگڏ ڪچي ۽ پڪي زمينن تان قبضا ختم ڪري بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، هارين لاءِ خاص ڪورٽون ۽ ڪالونيون قائم ڪرڻ ۽ سندن ٻارن لاءِ تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.  جيڪڏهن هارين جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.