ڪڻڪ جا خريداري مرڪز:  عمل جي راھ نھاريندڙ اعلان

سنڌ جي حڪمرانن جي روايتي لاپرواهي هاڻي صرف ڪوتاھي نه رهي آهي، پر هڪ اهڙي خطرناڪ بيحسي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جيڪا سڌي طرح سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي. هر سال وانگر هن سال به وڏا وڏا اعلان ته ڪيا ويا ته پهرين اپريل کان ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري شروع ڪئي ويندي، پر جيئن ئي مقرر تاريخ آئي، تيئن اهي اعلان هوا ۾ گم ٿي ويا. حڪمرانن کي ڄڻ ته پنهنجي ئي ڪيل واعدن جي ڪا پرواهه ناهي، ۽ نه ئي انهن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته انهن جي اهڙي غير ذميواريءَ جا نتيجا ڪيترا سنگين ٿي سگهن ٿا.

زميني حقيقت اها آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪلھ تائين سرڪاري خريداري مرڪز کولي ئي نہ سگھيا ھئا. اهو ڪو معمولي انتظامي مسئلو ناهي، پر کليل غفلت آهي. جڏهن فصل تيار آهي، گودامن ۾ رکڻ جي سهولت محدود آهي، ۽ مارڪيٽ ۾ اگهه ڪري پيو آهي، تڏهن آبادگار کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته هو پنهنجي ڪڻڪ سستي اگهه تي وڪڻي. حڪومت جي اها دير دراصل ڪنهن اتفاق جو نتيجو ناهي لڳي، پر هڪ منظم ناڪامي يا شايد ڄاڻي واڻي پيدا ڪيل بحران محسوس ٿئي ٿي. خريداري مرڪزن جي نه کولڻ سان سڀ کان وڏو فائدو انهن ذخيره اندوز واپارين ۽ اسمگلرن کي ملي رهيو آهي، جيڪي اڳ ئي مارڪيٽ کي يرغمال بڻائڻ ۾ ماهر آهن. اهي ماڻهو آبادگارن کان ڪڻڪ گھٽ اگهه تي خريد ڪري، پوءِ ساڳي ڪڻڪ کي ذخيرو ڪري يا سرحد پار اسمگل ڪري، منافعو ڪمائين ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت کي هن سڄي راند جي خبر ناهي، يا هوءَ پاڻ به هن نظام جو حصو بڻجي چڪي آهي؟

اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته اهڙي صورتحال صرف بدانتظامي جو نتيجو نه آهي، پر ان جي پويان مفادن جو هڪ نيٽورڪ ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن سرڪار وقت تي خريداري نٿي ڪري، ته مارڪيٽ ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ٿئي ٿي، جيڪا مخصوص گروهن لاءِ ناجائز نفعي خوريءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿي. هي گروهه، جيڪي سياسي ۽ انتظامي اثر رسوخ رکن ٿا، کلي عام قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، ۽ حڪومتي ادارا يا ته خاموش تماشائي بڻيل آهن يا وري انهن سان ملي ڀڳت ۾ شامل آهن.

آبادگار، جيڪو هن سڄي نظام جو سڀ کان اهم ڪردار آهي، اهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ، ڀاڻ، ٻج جي وڌندڙ قيمتن ۽ موسمي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ جڏهن هو پنهنجي فصل کي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو، ته کيس مناسب اگهه نه ملي. ڇا حڪومت کي ان ڳالهه جو ڪو احساس آهي ته اهڙي ناانصافي سان آبادگار ايندڙ سالن ۾ پوک لاءِ ڪيئن تيار ٿيندو؟ زرعي معيشت سان اهڙو سلوڪ اصل ۾ سڄي سماج سان دشمنيءَ جي برابر آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته هن لاپرواهيءَ کي صرف تنقيد تائين محدود نه رکيو وڃي، پر ان کي سنجيده قومي مسئلي طور ڏٺو وڃي. حڪومت کي فوري طور تي نه رڳو خريداري مرڪز کولڻ گهرجن، پر ان سڄي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن ۽ اسمگلرن خلاف بي رحم ڪارروائي ڪرڻي پوندي، نه ته اهي ئي عنصر سنڌ جي خوراڪ جي سلامتي کي تباهه ڪري ڇڏيندا.

سنڌ حڪومت وٽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش تمام گھٽ هجڻ هڪ سنجيده مسئلو بڻجي چڪو آهي. صوبي ۾ گودامن جي کوٽ سبب هر سال وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ صحيح نموني محفوظ نه ٿي سگهندي آهي. نتيجي طور، ڪافي ڪڻڪ کليل ميدانن ۾ رکڻي پوي ٿي، جيڪا موسم جي اثرن جهڙوڪ برسات، گرمي ۽ گھم سبب خراب ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال نه رڳو قومي ناڻي جو نقصان آهي، پر عوام جي خوراڪ جي سلامتي لاءِ به خطرو آهي. ان کان علاوه، کليل ميدان ۾ رکيل ڪڻڪ جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جا واقعا پڻ سامهون اچن ٿا. رپورٽن موجب، خوراڪ کاتي جا ڪجهه اهلڪار به اهڙين بي ضابطگين ۾ ملوث آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت جديد گودامن جي تعمير تي ڌيان ڏئي ۽ ڪڻڪ جي محفوظ ذخيرن لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪري. ساڳئي وقت، شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت نگراني ۽ احتساب جو نظام پڻ لاڳو ڪيو وڃي، جيئن عوام جي حقن جي حفاظت ٿي سگهي. ڪڻڪ جا خريداري مرڪز قائم ڪري آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي. مينهوڳي جي مند آھي. کرن ۾ موجود ڪڻڪ خراب ٿي سگهي ٿي.