ڪڻڪ اگهه 4 هزار رپيا مڻ مقرر، 44 لک 13 هزار 584 خاندانن کي 5-5 هزار روپيا ملندا: سنڌ ڪابينا پاران 22 ارب جو رمضان پيڪيج منظور

مارچ 13, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا مڻ مقرر ڪري ڇڏيو،  44 لک 13 هزار 584 خاندانن کي 5-5 هزار روپيا ڏيڻ جي منظوري ملي وئي، سنڌ ڪابينا 22 ارب جو رمضان پيڪيج منظور ڪري ورتو

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نئين سنڌ ڪابينا جو پهريون باقاعدا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نون وزيرن سميت نئين چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ ڪابينا 22 ارب روپين جي رمضان پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، پيڪيج تحت 44 لک 13 هزار 584 خاندانن کي 5-5 هزار روپيا ڏنا ويندا

نئين سنڌ ڪابينا ڪڻڪ خريداري جو هدف 9 لک ٽن مقرر ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪڻڪ خريداري جو اگهه 4 هزار روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏيندي خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ خريداري لاءِ ترت اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ امن امان بابت بريفنگ ڏني جنهن تي ملڻ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جنهن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ٿين ٿا، اُتان جو ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي جوابده آهن، ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز کي جوابده ڪرڻ تائين امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿيندي

 آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ 6، شڪارپور ۾ 9 ۽ ڪشمور ۾ 14 ڄڻا اغوا ٿيا آهن جڏهن ته وڏي وزير پاران مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول