ڪڻڪ جي خريداري ۾ غفلت: ايم ڊي پاسڪو ۽ جي ايم پراڪيورمينٽ کي معطل

مَي 13, 2024

وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري ۾ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي ايم ڊي پاسڪو ۽ جي ايم پراڪيورمينٽ کي معطل ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ ڪڻڪ جي خريداري بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم سوال ڪيو ته خريداري لاءِ موبائيل ايپ ڇو تيار نه ڪرائي وئي آهي؟ وزيراعظم پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال وارين هدايتن تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، وزيراعظم پنهنجين هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي پاسڪو جي ايم ڊي ۽ جنرل مئنيجر پراڪيورمينٽ کي معطل ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا

Leave A Comment