| ڪڻڪ خريداري حد ختم ڪرڻ سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو: شرجيل ميمڻ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ جي حد ختم ڪرڻ ۽ في ايڪڙ پنج ٻوريون ڏيڻ وارو شرط ختم ڪرڻ انتهائي اهم فيصلو آهي، سنڌ حڪومت جي فيصلي سان ننڍن آبادگارن کي سڌو سنئون فائدو پهچندو، ھاڻي آبادگار بنا ڪنهن رنڊڪ جي پنهنجي پيداوار سرڪاري مرڪزن تي وڪرو ڪري سگهندا، ڪڻڻڪ جي امدادي قيمت 3500 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ خريداري جو هدف 10 لک ميٽرڪ ٽن رکڻ حڪومت جي هاري دوست پاليسين جو ثبوت آهي، هن چيو ته ڪڻڪ خريداري مهم کي تيز ڪرڻ ۽ گهٽ خريداري وارن ضلعن ۾ خاص قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن سان هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو،آبادگارن کي هڪ ڏينهن اندر سنڌ بينڪ ذريعي فيول سبسڊي جي فراهمي شفافيت ۽ ڪارڪردگي جو بهترين مثال آهي، هن چيو ته هاڻي تائين ڪروڙين رپين جي بروقت ادائيگين هارين جي اعتماد ۾ اضافو ڪيو آهي ضلعي انتظاميا، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي ميدان ۾ متحرڪ ڪيو ويو آهي ته جيئن آبادگارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي، آبادگار پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري خريداري مرڪزن تي وڪرو ڪن ته جيئن کين فوري ادائيگي ۽ حڪومتي سهولتون حاصل ٿي سگهن، سنڌ حڪومت هارين جي مفادن جي تحفظ ۽ صوبي جي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي.