ڪڻڪ خريداري پاليسي 2026: شفافيت، چيلينج ۽ اهم سوال … ابو بڪر سڌايو

                 سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري پاليسي 2026 زرعي شعبي ۾ شفافيت آڻڻ ۽ هارين کي سڌو فائدو ڏيڻ جي نيت سان متعارف ڪرائي وئي آهي۔ هن پاليسي تحت حڪومت طرفان ڪڻڪ جي خريداري لاءِ واضح معيار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ سرڪاري اگهه، معيار، ۽ رجسٽرڊ آبادگارن تائين محدود خريداري شامل آهي۔ هن پاليسي جو اهم مقصد اهو آهي ته صرف انهن هارين کي فائدو ملي، جيڪي حقيقي طور تي ڪڻڪ جي پوک ڪن ٿا۔ ان سلسلي ۾ “سنڌ ڪڻڪ جي پوکيندڙ سپورٽ پروگرام” تحت رجسٽريشن ڪئي وئي آهي ۽ اڳ ۾ ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي حاصل ڪندڙ آبادگارن کي ترجيح ڏني وئي آهي۔ ننڍن هارين کي بينظير هاري ڪارڊ ذريعي نقد سبسڊي پڻ فراهم ڪئي وئي، جيڪا سڌي طرح انهن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي وئي۔ پاليسي تحت معيار تي سختي سان عمل ڪرائڻ تي زور ڏنو ويو آهي۔ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مخصوص وزن، باردانه معيار ۽ نمي جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته غير معياري يا آلوده ڪڻڪ جي خريداري تي پابندي لڳائي وئي آهي۔ ان سان گڏ ذخيريداري، گودامن جي صفائي ۽ اسٽاڪ جي نگراني لاءِ پڻ واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن۔ تنهن هوندي به، هن سال جي پاليسي سان لاڳاپيل ڪجهه اهم چيلينج به سامهون آيا آهن۔ ڄاڻ موجب، ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي سبسڊي ڏني وئي آهي، جن يا ته عملي طور ڪڻڪ جي پوک نه ڪئي، يا سندن زمينون غير آباد رهيون۔ يعني ڪجهه ماڻهن سبسڊي جا پئسا ته حاصل ڪيا، پر ڪڻڪ جي پيداوار انھن وٽ موجود ناهي۔ اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهڙن ماڻهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿيندي؟ ڇا انهن کان رقم واپس ورتي ويندي يا کين رعايت ڏني ويندي؟ هن حوالي سان اڃا حڪومت طرفان واضح پاليسي سامهون ناهي آئي۔

هڪ ٻيو اهم سوال هاري ڪارڊ سان لاڳاپيل آهي۔ ڪيترن ئي آبادگارن وٽ “هاري ڪارڊ” ته موجود آهي، پر انهن کي سبسڊي حاصل نه ٿي آهي۔ جيڪڏهن اهڙا هاري پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري مرڪزن تي جمع ڪرائين ٿا، ته ڇا حڪومت انهن کي به بعد ۾ سبسڊي جي صورت ۾ مالي فائدو ڏيندي يا نه؟ جيڪڏهن اهڙي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي، ته اهو انهن هارين لاءِ وڏو رليف ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪي ڪارڊ هجڻ باوجود سبسڊي کان محروم رهيا آهن۔

ان کان علاوه، وڏن زميندارن (کاتيدارن) جو معاملو پڻ اهميت رکي ٿو۔ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جي وڏي پيداوار وڏن زميندارن وٽان ٿيندي آهي، ۽ جڏهن به زرعي شعبي ۾ ڪو بحران يا نقصان ٿئي ٿو ته ان جو وڏو اثر انهن تي پوي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته حڪومت ننڍن هارين سان گڏ وڏن زميندارن لاءِ به ڪا متوازن پاليسي ترتيب ڏئي، جيئن سڀئي ڌريون ايڊجسٽ ٿي سگهن ۽ زرعي نظام ۾ توازن برقرار رهي۔

مجموعي طور ڏٺو وڃي ته ڪڻڪ خريداري پاليسي 2026 هڪ سٺي ڪوشش آهي، جنهن جو مقصد شفافيت، سڌي امداد ۽ زرعي بهتري آهي۔ پر ان جي مڪمل ڪاميابي ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿي ته حڪومت انهن اڀرندڙ سوالن – سبسڊي جي استعمال، هاري ڪارڊ هولڊرز جي حقن ۽ وڏن زميندارن جي تحفظ تي ڪيئن واضح ۽ منصفاڻا فيصلا ڪري ٿي.