ڪڻڪ خريداري گهٽ ڇو ٿي؟ وزيراعليٰ جو ناراضپو: 5 ٻورين واري لمٽ ختم: وڌيڪ 12سينٽر قائم   

ڪڻڪ خريداري گهٽ ڇو ٿي؟ وزيراعليٰ جو ناراضپو: 5 ٻورين واري لمٽ ختم: وڌيڪ 12سينٽر قائم   

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه فوڊ کاتي پاران 3500 رپين واري امدادي اگهه تي 973900 بجاءِ رڳو 8,958 ٽن ڪڻڪ خريدڻ تي ناراضپو ظاهر ڪندي آبادگارن کان في ايڪڙ 5 مڻ خريداري واري لمٽ (حد ) ختم ڪندي مڪمل خريداري جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ سال 2026 لاءِ ڪڻڪ خريداري جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ رجسٽرڊ ننڍن آبادگارن کان في ايڪڙ 5  ٻوريون خريدڻ واري حد ختم ڪندي سموري ڪڻڪ خريدڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، خوراڪ کاتي جي وزير مخدوم محبوب اجلاس کي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي خريداري واري مهم پهرين اپريل کان شروع ٿي چڪي آهي، سرڪار ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪئي آهي، هن چيو ته  اسانکي  973900 ٽن ڪڻڪ خريداري جو حدف مليل آهي، هن وقت تائين 8,958  ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي.  هن گهٽ خريداري جو سبب ننڍن آبادگارن کان في ايڪڙ رڳو 5 ٻورين جي خريداري واري لمٽ ڄاڻايو، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنجن ٻورين واري لمٽ ختم ڪندي ننڍن آبادگارن کي بنا ڪنهن مقدار جي پابندي جي حڪومت کي ڪڻڪ وڪڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هارين کي ادائيگي جي عمل کي تيز ڪيو ويو آهي،هاڻي سنڌ بينڪ ذريعي رقم هڪ ڏينهن اندر منتقل ڪئي پئي وڃي. آبادگارن کي 198.3 ملين رپيا ادا ڪيا ويا آهن. و مراد علي شاهه ضلعي انتظاميه، زراعت ۽ خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ خريداري واري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته  حڪومت کي ڪڻڪ وڪڻندڙ آبادگار مستقبل ۾ به سبسڊيز ۽ امدادي پروگرامن جا اهل رهندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زراعت کاتي آبادگارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪنٽرول روم  قائم ڪيو آهي، جڏهن ته آبادگارن جي سهولت لاءِ وڌيڪ 12 ڪڻڪ خريداري مرڪز کوليا ويا آهن. وڏي وزير خريداري مرڪزن جي سخت نگراني جي هدايت ڪئي ڪندي چيو ته بدعنواني کي ختم ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته بي قاعدگين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته جيڪي خريداري مرڪز غير فعال آهن، انهن کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي،  جن ضلعن ۾ خريداري گهٽ آهي اتي لاجسٽڪ انتظامن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. هن چيو ته “اسان جا هاري اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، اسان کين مناسب قيمتن، وقت سر ادائيگي ۽ خريداري جي اثرائتي پاليسين ذريعي مدد جاري رکنداسين