ڪڻڪ ڪراچي نٿي پهچي پر افغانستان پهچو وڃي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

آگسٽ 19, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ  احمد علي شيخ چيو آهي ته ڪڻڪ جون ٽرڪون ڪراچي نه ٿيون پھچن پر افغانستان پهچي وڃن ٿيون، ڪراچي ۾ ڪڻڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪڻڪ ئي نه ھوندي ته ظاھر آھي ته اٽو مھانگو ٿيندو،ڪراچي ۾ ڪڻڪ بغير ڪنھن رڪاوٽ جي اچڻ گھرجي

 پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو ته خوراڪ کاتي سنڌ ۾ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ڏانهن ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي هنئي آهي، ڪراچي ۾ ڪڻڪ نه اچڻ سبب ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ مجبور آهن، صوبي جي ھڪ ضلعي کان  ٻئي ضلعي ۾ ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي ھٽائي وڃي

چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ناهي ٿيندي، ان ڪري ڪراچي ۾ ڪڻڪ ٻاهران آڻڻي پوندي آهي،  سڀني کي گهرايون ٿا، هي ڪو عام ڪيس نه پر سنگين مسئلو آهي

عدالت پاران خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کي 21 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment