ڪڻڪ ڪوٽا بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم: پاليسي ٺاهڻ ايگزيڪيوٽو جو ڪم آهي: آئيني عدالت

ڪڻڪ ڪوٽا بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم: پاليسي ٺاهڻ ايگزيڪيوٽو جو ڪم آهي: آئيني عدالت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ڪڻڪ ڪوٽا ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي پاليسي کي ايگزيڪٽو اختيار قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت واضع ڪيو ته پاليسي ٺاهڻ بنيادي طور تي ايگزيڪيٽو اختيار آهي ۽ عدالتون ان عمل ۾ مداخلت نٿيون ڪري سگهن. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سبطين محمود عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جون ڏنل هدايتون آئين ۾ ڏنل اختيارن کان ٻاهر هيون. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور دگل به موقف هو ته پاليسي ٺاهڻ ۽ ان تي عملدرآمد مڪمل طور تي انتظاميه جو اختيار آهي. جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏنا ته پاليسي ايگزيڪٽو ئي ٺاهي ٿي ۽ ان کي ئي ان جو باقاعدي اعلان ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. وفاقي آئيني عدالت تفصيلي دليل ٻڌڻ بعد سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته هن قسم جا معاملا انتظاميه جي صوابديد ۾ ئي رهڻ گهرجن. هي ڪيس تڏهن سامهون آيو هو جڏهن هڪ فلور مل مالڪ ڪڻڪ ڪوٽا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.