| ڪڻڪ گدامن ۾ 22 ڪروڙِن جو اسپري: رڪارڊ گم: جاچ شروع |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪڻڪ گدامن ۾ اسپري جو رڪارڊ گم: جاچ شروع، ان ڏس ۾ فوڊ کاتي جي ذريعن موجب خوراڪ کاتي ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طرفان شهر جي ڪڻڪ گدامن ۾ اسپري لاءِ 14 ڪروڙ 91 لک رپين جا بل پيش ڪيا ويا، مزي جي ڳالهه اها آهي ته کاتي پاران 8 ڪروڙ 85 لک رپيا ادا پڻ ڪيا ويا، جڏهن ته 6 ڪروڙ 9 لک رپين جي ادائيگي رهيل آهي. هوڏانهن خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي گدامن جو دورو ڪري اسپري بابت رڪارڊ طلب ڪيو، لاڳاپيل اختيارين طرفان هن وقت تائين اسپري جو ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. ٻئي طرف شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز ضلعن ۾ اسپري جي مد ۾ 6 ڪروڙ 80 لک رپين جا بل پيش ڪيا ويا، جن مان 5 ڪروڙ 52 لک رپين جي ادائگي رهيل آهي.