سنڌ اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏهاڙي تي سنڌ مان گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ کوٽ ختم جو ٺھراءُ منظور ڪيو ويو آهي. ٺھراءُ ۾ گھر ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ گيس جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. اسيمبلي ميمبرن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي اهو معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ گهرجي. سنڌ مجموعي ملڪي پيداوار جو 70 سيڪڙو گيس فراهم ڪري ٿي. آئين ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جا وسيلا پهريائين صوبو استعمال ڪندو پر گئس جي معاملي ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي.
سنڌ اڪيلو صوبو آهي جيڪو ملڪ جي مجموعي گئس پيداوار ۾ ٻين سڀني صوبن جي گڏيل پيداوار کان به وڌيڪ پيداوار ڏني ٿو. پر ان جي باوجود جڏهن گئس جي فراهمي، يا عوامي سهولتن جو معاملو اچي ٿو، تڏهن سنڌ کي ان جو حق نه ٿو ملي. هي تضاد نه رڳو سياسي ۽ انتظامي ناانصافي جو عڪس آهي، پر سنڌ جي معيشت، صنعتن ۽ روزمره جي زندگيءَ تي انتهائي سنگين ۽ ڊگهي عرصي جا اثر ڇڏي پيو. سنڌ مان نڪرندڙ گئس، ملڪ جي پاور پلانٽن کان وٺي گهرن تائين، هر هنڌ استعمال ٿئي ٿي. پر جڏهن ورڇ جي پاليسي تي نظر وجهجي ٿي ته صورتحال بلڪل ابتڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڳچ سالن کان سنڌ جي عوام، واپار ۽ زرعي شعبي کي شديد گئس لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. گيس جي ڪمي سبب کاڌ خوراڪ کان وٺي ڪارخانن تائين هر جاءِ تي روزاني زندگي مفلوج رهي ٿي. جيڪو صوبو ملڪ کي توانائي ۾ سڀ کان وڏو حصو ڏئي رهيو آهي، اهو ئي صوبو بنيادي سهولت کان ڇو محروم آهي؟ صنعتي شعبي ۾ ته صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارخانا گئس جي گهٽتائي سبب بار بار بند ٿين ٿا. ان ڪري پيداوار گهٽجي وڃي ٿي، روزگار جا موقعا ختم ٿين ٿا ۽ ڪاروباري لاڳت وڌڻ ڪري واپارين کي به نقصان ٿئي ٿو. گئس جي بندش ھتي جي صنعت کي دنيا جي مارڪيٽن سان مقابلي کان پري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن صنعتون بيهي رھن ٿيون ته نه رڳو ورڪرن روزگار کان محروم ٿين ٿا، پر ملڪ به قيمتي مٽاسٽا جي ناڻي کان محروم ٿئي ٿو. زراعت تي به گئس جي قلت جا خراب اثر پيا آهن. ڀاڻ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ غير منظم فراهمي زرعي پيداوار جي لاڳت وڌائي ڇڏي آهي. ٻئي طرف ٽيوب ويل هلائڻ لاءِ بجلي ۽ گئس ٻنهي جي ڪمي سبب آبادگارن جا خرچ وڌي چڪا آهن. سنڌ جهڙي زرعي علائقي لاءِ هي صورتحال تباهي کان گهٽ ناهي. سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ فصلن جي پيداواري لاڳت وڌڻ ڪري آبادگار اڳيئي پريشان آهن، ۽ گئس لوڊشيڊنگ هن مصيبت کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
گئس جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ شديد لوڊشيڊنگ جو سڀ کان وڌيڪ اثر عام ماڻهن تي پوي ٿو. رڌ پچاءَ متاثر ٿئي ٿو. سياري ۾ ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي، جتي گئس جي بندش نه رڳو تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، پر صحت ۽ سيڪيورٽي جا خطرا به وڌائي ڇڏيندي آهي. جڏهن ماڻهو گئس جي کوٽ سبب متبادل، مهانگي ۽ خطري واري ٻارڻ تي ڀاڙي رهيا هجن ته اها حڪومت جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي. آئين جو آرٽيڪل 158 واضح طور چوي ٿو ته جيڪو صوبو تيل ۽ گئس پيدا ڪري ٿو، ان کي انهن وسيلي تي پهريون حق حاصل آهي. هي صرف قانوني ڳالهه ناهي، پر اخلاقي اصول پڻ آهي. هڪ اهڙو صوبو جيڪو ملڪ کي توانائي ڏئي رهيو آهي، اهو پاڻ توانائي بحران ۾ ڇو هجي؟ هي رويو وفاق ۽ صوبي ۾ فاصلا وڌائي رهيو آهي، جيڪو رياست جي گڏيل وحدت لاءِ خطري کان گهٽ ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاق سنڌ سان انصاف ڪري. گئس ورڇ جي پاليسي تي نظرثاني ڪري سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي. لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ شفاف حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وڃي. سنڌ جي صنعتي ۽ زرعي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي گئس فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير کي سنڌ سان گيس جي فراهمي ۾ ٿيندڙ ناانصافي جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ گھرجي.