| گئس شعبي ۾ سڌارن لاءِ لائحه عمل تيار: ٽارگيٽڊ رليف جو فيصلو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن عالمي بئنڪ جي سهڪار سان گئس شعبي جي ڊي ريگيوليشن لاءِ لائحه عمل تيار ڪري ورتو. وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ گئس شعبي جي سڌارن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گئس شعبي جي سڌارن واري منصوبي جو اهم حصو سوئي ڪمپنين جي تنظيم نو ۽ ان بنڊلنگ سڌارا آهي. سڌارن تحت سوئي ڪمپنين جي ٽرانسميشن، ڊسٽريبيوشن ۽ انرجي ڪاروبار کي الڳ ڪيو ويندو. پڌرائي موجب سبسڊي واري نظام کي ٻيهر ترتيب ڏنو ويندو ته جيئن رڳو حقدار صارفين کي ٽارگيٽڊ رليف فراهم ڪري سگهجي. حڪومت گئس مارڪيٽ ۾ مرحليوار مارڪيٽ ڪليئرنگ پرائس ڏانهن اڳڀرائي ڪندي. پيٽروليم ڊويزن موجب عالمي بئنڪ گئس شعبي جي سڌارن لاءِ ٽيڪنيڪل سهڪار ۽ عالمي تجربا فراهم ڪيا آهن. گئس شعبي جي سڌارن وارو روڊ ميپ هلندڙ مهيني منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ مرحليوار عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت گئس شعبي ۾ مقابلي واري، شفاف ۽ اثرائتي مارڪيٽ قائم ڪندي. هن چيو ته ڊي ريگيوليشن سان گڏ مضبوط ريگيوليٽري نظام پڻ قائم ڪيو ويندو. اوگرا جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي مقابلي واري گئس مارڪيٽ جي نگراني يقيني بڻائي ويندي، جڏهن ته گئس شعبي ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ شموليت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا. گئس شعبي جي سڌارن سان توانائي تحفظ مضبوط ٿيندو ۽ قيمتن ۾ شفافيت پيدا ٿيندي. هن چيو ته اصلاحاتي پروگرام سان سوئي ڪمپنين جو مالي مستقبل مستحڪم ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل، ايس ايس جي سي ايل ۽ اوگرا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.