گئس 226 رپيا مهانگي ڪريو: سوئي سدرن جي اوگرا کي درخواست

ڊسمبر 13, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوئي ناردرن کانپوءِ سوئي سدرن گيس ڪمپني به سنڌ  ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ لاءِ اوگرا وٽ درخواست داخل ڪري ڇڏي. سوئي سدرن گئس جي قيمت ۾ 226 رپيا 18 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جو مطالبو ڪيو آهي، هن وقت گئس جي قيمت 1470 رپيا 21 پئسا في ايم بي ٽي يو آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته  گيس جي نئين سراسري قيمت 1696 رپيا 39 پئسا مقرر ڪئي وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سوئي سدرن  هلندڙ مالي سال ۾ 47 ارب 77 ڪروڙ رپين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، رڳو بلوچستان ۾ روينيو شارٽ فال جو اندازو 95 رپيا 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي. اوگرا 18 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ سوئي سدرن جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.

Leave A Comment