گيس 45 کان 50 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي منظوري

جُون 2, 2023

ڪراچي (م ڊ) اوگرا سئي سدرن گيس ڪمپني ۽ سئي ناردرن گيس ڪمپني گيس اگھن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس جي سي موجب آمدني ضرورتن تحت گيس 40 سيڪڙو مهانگي ڪئي وڃي،

 جڏهن ته سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي تجويز ۾ چيو ويو آهي ته آمدني جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گيس 50 سيڪڙو مهانگي ڪئي وڃي.اهڙي تجويز اوگرا کي اماڻي وئي. اوگرا سوئي سدرن لاءِ 45 سيڪڙو ۽ سوئي ناردرن لاِ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي،

 اوگرا موجب حڪومت 45 ڏينهن اندر گيس قيمت ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪندي، حڪومتي فيصلي کان پوءِ نئيون قيمتون پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿينديون.  حڪومت 45 ڏينهن ۾ منظوري نه ڏني ته وڌايل اگھه پاڻ مرادو لاڳو ٿي ويندا.

Leave A Comment