گابا ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي ڪمانڊ، انگلينڊ کي وري شڪست جو خطرو

گابا ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي ڪمانڊ، انگلينڊ کي وري شڪست جو خطرو

ڪرالي 44، پوپ 26، بين ڊڪٽ، جو روٽ ۽ هيري بروڪ 15، 15 تي آئوٽ

برسبين (اسپورٽس نيوز) ٻي ايشز ٽيسٽ ميچ ۾ ٽئين ڏينهن جي راند جي آخر ۾ آسٽريليا جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي ۽ انگلينڊ لاءِ اننگز جي شڪست جو خطرو آهي. گابا ۾ انگلينڊ پنهنجي ٻي اننگز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون آهن ۽ اننگز جي شڪست کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 43 رنسن جي ضرورت آهي. زڪ ڪرالي 44، اولي پوپ 26، بين ڊڪٽ، جو روٽ ۽ هيري بروڪ 15، 15 جڏهن ته جمي سمٿ 4 رنسن تي آئوٽ ٿيا. ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ ول جيڪس 4، 4 رنسن ٺاهڻ کان پوءِ ڪريز تي آهن. ان کان اڳ، آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگز ۾ 511 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن سان انگلينڊ تي 177 رنسن جي برتري حاصل ڪئي. آسٽريليا راند جي ٽئين ڏينهن 6 وڪيٽن تي 378 رنسن تي اننگز شروع ڪئي، ۽ مائيڪل نيسر (16) صرف ان وقت پويلين واپس موٽيا جڏهن ڪل اسڪور 5 رنسون وڌيو. ايليڪس ڪيري 63 رنسن تي آئوٽ ٿيو. مچل اسٽارڪ ڪيريئر بيسٽ 77 رنسون ۽ برينڊن ڊوگيٽ 13 رنسون ٺاهيون. اسڪاٽ بولينڊ 21 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. انگلينڊ لاءِ برائيڊن ڪارس 4، ڪپتان بين اسٽوڪس 3، جڏهن ته جوفرا آرچر، گس ايٽڪنسن ۽ ول جيڪس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.