گابر مسڻ هاءِ اسڪول ۾ راندين جو هفتو، ڪاميابي ماڻيندڙن کي انعام

گابر مسڻ هاءِ اسڪول ۾ راندين جو هفتو، ڪاميابي ماڻيندڙن کي انعام

باڊھه (ن پ ا) گورنمينٽ هاءِ اسڪول گابر مسڻ ۾ راندين جو ھفتو ملھايو ويو جنھن ۾ شاگردن وچ ۾ ڪرڪيٽ، والي بال، ريسنگ، جمپنگ سميت مختلف راندين جا دلچسپ مقابلا ڪرايا ويا. راندين ۾ شاگردن ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ لطف اندوز ٿيا. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماسٽر وسيم احمد جوڻيجو، مير محمد ڪولاچي، فقير محمد ڍڪڻ، نعيم علي مسڻ، غلام نبي بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيمن ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ڪامران علي بروهي، نور مصطفيٰ ابڙو، ڪاشف علي ٻگهيو ۽ ٻين کي انعام طور ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽس ڏنا ويا.