| گاجي کهاوڙ: پسند شادي تان شروع ٿيل تڪرار جو جرڳو: خون ثابت: هڪ ڪروڙ: 26 لک ڏنڊ |
گاجي کهاوڙ (رپورٽ: مدثر کهاوڙ) گاجي کهاوڙ ڀرسان هڪ سال اڳ پسند جي پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ ساڍا 26 لک رپيا ڏنڊ مقرر، ڳوٺ صادق ماڇي هڪ سال اڳ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سميرا سولنگي ۽ صدام سولنگي جي پسند جي شادي تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو اڳوڻي ايم پي اي جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي ۽ پوليس آفيسر نيڪ محمد کوسي جي سرپئنچي ۾ ميهڙ ۾ شادي هال ۾ ڪيو ويو، جرڳي ۾ امداد سولنگي جي ڌر جو زاهد سولنگي قتل ٿيو هيو، جنهن جي رقم 60 لک رپيا ڪئي وئي، زخمي هڪ عورت شمشاد خاتون، زخمي بخت سولنگي علي جان سولنگي سبحان سولنگي زخمين جا ساڍا 34 لک رپيا رکيا ويا، مجموعي طور مٺل سولنگي ڌر مٿان ساڍا 94 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽ مٺل سولنگي جي ڌر جا 3 ڄڻا زخمي ٿيا هيا انهن ۾ هڪ عورت ۽ عباس سولنگي الطاف سولنگي زخمي ٿيا هيا ۽ امداد سولنگي وارن جا صدام سولنگي وارن سان لاڳاپا هجڻ تي امداد سولنگي ڌر تي مجموعي طور تي 32 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور تي ڏنڊ هڪ ڪروڙ ساڍا 26 لک رپيا رکيو ويو ، جڏھن ته امداد سولنگي جي ساڍا 94 لک رپين مان 32 لک رپيا مٺل سولنگي جا ڪاٽيا ويا ۽ بقايا ساڍا 62 لک رپين مان ساڍا 5 لک ٿڏي تي معاف ڪيا ويا، باقي 57 لک رپيا مٺل سولنگي وارا امداد سولنگي وارن کي ٽن قسطن ۾ ادا ڪندا، جڏھن ته ڌريون هڪٻئي ڏي ميڙ ڪري ويندا، جيڪا فتويٰ ٻڌائي وئي، ياد رهي ته مٺل سولنگي جي پوٽي سميرا سولنگي سان پسند جي شادي ڪندڙ صدام سولنگي جو مسئلو رهيل آھي جيڪو فيصلو ناهي ٿيو، صدام سولنگي ڌر هن وقت علائقي مان فرار ٿيل آھي.