گاجي کهاوڙ ۾ پسند شادي تان جھيڙي دوران زخمي همراهه فوت: لاش رکي احتجاج
مَي 9, 2025
گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ صادق ماڇي ۾ پسند جي شادي واري معاملي تان 2 ھفتا اڳ جھيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل زاھد حسين سولنگي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي، وارث طرفان ڳوٺاڻي جو لاش بس اسٽاپ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مقتول جي امڙ پنهنجي پٽ جي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندي رهي، جڏھن ته سميرا سولنگي ۽ صدام سولنگي جي پسند جي پرڻي تان جھيڙي سبب ٻنهي ڌرين جا باقي پنج ڄڻا زخمي آھن،احتجاج ڪندڙ دلبر سولنگي، امير سولنگي، امداد سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان زاهد سولنگي کي بيگناهه گوليون ۾ هڻي ماريو ويو آھي، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن،پوليس کين گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او گاجي کهاوڙ نعيم اختر ابڙي ٻڌايو ته ڳوٺ صادق ماڇي ۾ جهيڙي جو يارنهن جوابدارن تي ڪيس داخل ٿيل آھي، جنهن مان 3 جوابدار گرفتار ٿيل آهن.